منهنجي هوندي منهنجو ناهين


 منهنجي هوندي منهنجو ناهين
ڄڻ تون به شهر ڪو سڌ جو آهين

منهنجي حياتي جي

منهنجي حياتي جي قيمت
منهنجي محبوب جي صرف

هڪ مرڪ آهي


وٽ ٻاريان پئِي بتي ٿيندي ضرور 
ڌرتتيءَ هي رنگ رتي ٿيندي ضرور
 
پَرٿڻِي تي جهُو لبو ، لهرائبو
 
چيٽ پويان ها ڪتِي ٿيندي ضرور
مان ڪُنڀارڻ ٿي گهڙينديس پئي گهڙا
 
نيٺ آويءَ ڀي تتي ٿيندي ضرور
 
ڇو کُڙي کوڙيان اڌوري پنڌ ۾
 
سوڀ ملندي ، ڌُرپتي ٿيندي ضرور
 
سيسڙاٽيون ساهه مان نڪريو وڃن
 
تن جي تن سان اڄ پَتي ٿيندي ضرور
گائتري آهيان مگر ها پوءِ ڀي
هي چَري تنهنجي گتي ٿيندي ضرور
جَت جبل ۾ ويا اُلهي اڌ رات جو
 
هي سَسِي آخر جَتي ٿيندي ضرور
ديوَ داسي مُک ڏٺو ٿم خواب ۾
 
هي مُو رَ تِيا پروَتي ٿيندي ضرو




(عزل) 
جڏهن کان اوهان آ ڇڏيو لاڙڪاڻو،
اسان کان نه ٿيو آ ڏٺو لاڙڪاڻو.

نه ئي عاشقيون ۽ نه ئي اپسرائون،
پرينءَ جي پٺيان آ ويو لاڙڪاڻو.

سکي! ساھ جن جي سهاري کنياسين،
انهن ئي چيو آ، ڇڏيو لاڙڪاڻو!

گهرن ۽ گهٽين ۾ ها سورن جا سايا،
رڳو آھ روئندو رهيو لاڙڪاڻو.

اوهان کي جو غيرن سان گهمندي ڏٺوسي،
پرين اڄ پرايو لڳو لاڙڪاڻو


(مشهد علي لغاري)