وٽ ٻاريان پئِي بتي ٿيندي ضرور
ڌرتتيءَ هي رنگ رتي ٿيندي ضرور
پَرٿڻِي تي جهُو لبو ، لهرائبو
چيٽ پويان ها ڪتِي ٿيندي ضرور
مان ڪُنڀارڻ ٿي گهڙينديس پئي گهڙا
نيٺ آويءَ ڀي تتي ٿيندي ضرور
ڇو کُڙي کوڙيان اڌوري پنڌ ۾
سوڀ ملندي ، ڌُرپتي ٿيندي ضرور
سيسڙاٽيون ساهه مان نڪريو وڃن
تن جي تن سان اڄ پَتي ٿيندي ضرور
گائتري آهيان مگر ها پوءِ ڀي
هي چَري تنهنجي گتي ٿيندي ضرور
جَت جبل ۾ ويا اُلهي اڌ رات جو
هي سَسِي آخر جَتي ٿيندي ضرور
ديوَ داسي مُک ڏٺو ٿم خواب ۾
هي مُو رَ تِيا پروَتي ٿيندي ضرو
(عزل)
جڏهن کان اوهان آ ڇڏيو لاڙڪاڻو،
اسان کان نه ٿيو آ ڏٺو لاڙڪاڻو.
نه ئي عاشقيون ۽ نه ئي اپسرائون،
پرينءَ جي پٺيان آ ويو لاڙڪاڻو.
سکي! ساھ جن جي سهاري کنياسين،
انهن ئي چيو آ، ڇڏيو لاڙڪاڻو!
گهرن ۽ گهٽين ۾ ها سورن جا سايا،
رڳو آھ روئندو رهيو لاڙڪاڻو.
اوهان کي جو غيرن سان گهمندي ڏٺوسي،
پرين اڄ پرايو لڳو لاڙڪاڻو
(مشهد علي لغاري)
Subscribe to:
Posts (Atom)